اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي) ناڻي وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چي آهي ته ??جي?? ۾ مهمند ڊيم لاءِ 10 ارب 50 ڪروڙ رپيا ۽ داسو ڊيم لاءِ 58 ارب رپيا فر??هم ڪيا ويندا. ??جي?? تقرير ۾ ناڻي واري وزير چيو ته گذريل سال مهمند ڊيم جي تڪميل لاءِ 12 ارب رپيا فر??هم ڪيا. ايندڙ م??لي سال ۾ به ان منصوبي لاءِ 10 ارب 50 ڪروڙ رپين جي رقم رکي پئي وڃي. هن چيو ته اهڙيءَ طرح 2160 ميگاواٽ گنجائش رکندڙ داسو هائيڊرو پاور پراجيڪٽ لاءِ ترجيحي بنيادن تي تقريبن 59 ارب رپين جي فر??همي يقيني بڻائي ويندي. ناڻي واري وزير چيو ته ديامير ڀاشا ڊيم لاءِ 20 ارب رپيا فر??هم ڪيا ويندا. ٻين اهم منصوبن ۾ 969 ميگاواٽ جي نيلم جهلم هائيڊرو پاور پراجيڪٽ لاءِ 4 ارب 80 ڪروڙ رپيا، تربيلا هائيڊرو پاور جي گنجائش ۾ واڌ لاءِ 4 ارب 45 ڪروڙ رپيا ۽ وارسڪ هائيڊرو الي??ٽر?? پاور اسٽيشن جي بحاليءَ لاءِ 2 ارب 60 ڪروڙ رپين جي رقم فر??هم ڪئي ويندي. هن چيو ته انهن منصوبن سان زرعي شعبي لاءِ پاڻي جي فر??همي ۽ سستي بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو.