ڪراچي – 14 جون(اي پي پي) سامونڊي طوفان بائپر جواءِ کي نظر ۾ رکندي سامونڊي فوج ڪريڪس جي علائقن ۾ ريسڪيو ۽ رليف آپريشنن ۾ ڀرپور نموني حصو وٺي رهي آهي. هاڻي ??ائ??ن پاڪ نيوي جون ايمرجنسي ريسپانس ٽيمون ضلعي حڪومت جي سهڪار ??ان چوهڙ جمالي ??ان لاڳاپيل ڏورانهن ڳوٺن مان هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪري چڪيون آهن. ان کان علاوه ٻين لاڳاپيل ڪريڪ جي علائقن مان ٻارن سوڌو 40 مقامي مهاڻن کي ريسڪيو ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل پريس رليز موجب ريسڪيو ڪيل مهاڻن کي پاڪ نيوي پاران مقرر خاص ميڊيڪل ٽيمن بروقت طبي امداد به فراهم ڪ??ي. پاڪ نيوي جي ايس ايس جي ڊائيونگ ٽيمن ڪيٽي بندر ،ترڪي بندر ۽ ٻين هنڌن کان امدادي ڪيمپن ??ائ??ن 9000 ماڻهن کي محفوظ طريقي ??ان ٻاهر ڪڍڻ ۾ مقامي انتظاميه جي مدد ڪئي. ڪريڪس برگيڊ جي ايمرجنسي ريسپانس ٽيمن متاثر ماڻهن کي بروقت امداد فراهم ڪ??ڻ لاءِ ڏورانهن سامونڊي پٽي وارن علائقن ۾ گشت ڪيو.