اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته 13 اتحادي پارٽين گڏجي ڪاميابي سان حڪومت ڪئي، حڪومت ڇڏي رهيا آه??ون، ڪارڪردگي کان مطمئن آه??ان، ايس آئي ايف سي معاشي بحالي جي حڪمت عملي آه??، ايندڙ حڪومت کي نيڪ نيتي سان ان تي عمل ڪرڻو پوندو. پي ٽي وي ورلڊ کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته جڏهن حڪومت سنڀالي ته ڪيترن ئي چئلينجز کي منهن ڏيڻو پيو، اهڙا چئلينجز ماضي ۾ ڪڏهن به سامهون نه رهيا، مهانگائي، معاشي خراب حالت، تباهي آڻيندڙ ٻوڏ، روانگي ??اپ??ر، ٻاهرئين ملڪن سان لاڳاپن جهڙا گهڻ رخا چئلينجز درپيش هئا، انهن مسئلن جي گهرائي کي سمجهڻ ۽ پوءِ انهن کي حل ڪرڻ وڏو چئلينج هو. هن چيو ته 13 پارٽين اتحادي حڪومت سان گڏجي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششو?? ڪيون مون کي انهن پارٽين چونڊيو ۽ اهم ذميواري ڏني. مشل صورتحال ۾ اتحادي پارٽين کي عزت ۽ احترام ڏنو ۽ ڪاميابي سان حڪومت هلائي. هن چيو ته عاوم جي خدمت تي يقين رکون ٿا. اهو اطمينان جوڳو آه?? ته صورتحال ۾ تيزي سان بهتري آئي آه??. هن چيو ته منصوبابندي ۽ ويزن سان گڏوگڏ ان تي جيئن جو تيئن عملدرآمد ڪرڻ اهميت رکندڙ آه??. ڀرپور محنت سان ڪاميابي حاصل ڪري سگهجي ٿي، ان ??و بهترين مثال آءِ ايم ايف سان معاهدو آه??، اسان همت نه هاري. هن چيو ته حڪومت ڇڏي رهيا آه??ون، ڪارڪردگي کان مطمئن آه??ون، ايس آئي ايف سي معاشي بحالي جو منصوبو آه?? جيڪڏهن اسان ان تي هول آف دي گورنمينٽ جي سوچ سان عمل ڪيو جنهن ۾ حڪومت، پاڪ فوج، بيوروڪريسي ۽ ماهر شامل هجن، ان جي لاءِ مخلصاڻي ڪوششو?? ڪيون ويون ته جلد ملڪي معيشت ترقي جي راهه تي گامزن ٿيندي، ان جي لاءِ ڀرپور محنت ۽ قربانين جي ضرورت آه??، مون کي اميد آه?? ته ائين ئي ٿيندو. وزيراعظم چيو ته اسان امن چاهيون ٿا، ڀارت سان تڪرار حل ڪري اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا پر جيڪڏهن ڀارت مثبت ردعمل جو مظاهرو نه ٿو ڪري ته ڪجهه نه ٿو ٿي سگهي، تاريخ فيصلو ڪندي ته ڪير حق تي بيٺل آه??.