نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت تيزي سان معاشي بحالي جي لاءِ پرعزم آهي، اسان پنهنجي پرڏيهي جي ذخيرن ۽ پنهنجي ڪرنسي کي مستحڪم ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل ق??من جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس کي خ??اب ڪندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪي آمدني کي وڌائيندي ۽ ملڪي ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري آڻيندي، ان سلسلي ۾ هڪ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) قائم ڪئي و??ي آهي جنهن تحت زراعت، کاڻين جي کوٽائي، توانائي ۽ آءِ ٽي سميت 28 شعبن جي نشاندهي ڪئي و??ي آهي جن ۾ ترقياتي حص??دا??ن جي تعاون سان منصوبا شروع ڪيا ويندا. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڊگهي مدي و??ري جاگرافيائي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، ريلوي، بنيادي ڍانچي ۽ مينوفيڪچرنگ جي منصوبن ۾ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جو ٻيو مرحلو شروع ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان وچ ايشيا سان ڪنيڪٽيويٽي منصوبو جلد شروع ڪرڻ جو خواهشمند آهي.