اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) پرنسپل انفارميشن آفيسر (پي آءِ او) ڊاڪٽر طارق محمود خان چيو آهي ته ا??تهارن جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻايو پيو وڃي. جاري ڪيل پڌرائي موجب اها ڳالهه هن منظور سلهري جي قيادت ۾ ربجا (جاويد گروپ) سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. وفد ڊاڪٽر طارق محمود خان کي پي آءِ او جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ کيس اخبارن کي درپيش اگهه، ادائيگين جي انفراسٽرڪچر ۽ بلنگ جي مسئلن کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر وفد کي يقين ڏياريو ته ا??بارن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وي??دا. هن وڌيڪ چيو ته موجوده درپيش ملڪي معاشي چئلينجز ج?? باوجود اخبارن جون رهتون ڪليئر ڪرڻ جي منصوبابندي ڪري رهيا آهيون جڏهن ته ا??تهارن جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻايو پيو وڃي. وفد ۾ حافظ محمد طاهر، عبدالعزيز بٽ، ملڪ زمرد اعواڻ، ذيشان قيوم، ذوالفقار علي ۽ طارق خان شامل هئا.