اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي موشن پڪچرز (ترميمي) بل 2023ع تي غور ملتوي ڪري ڇڏيو جڏهن ته اطلاعات ۽ نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته آئين، قانون ۽ جمهوريت جي اصولن سان گڏ بيٺل آهيان، بل تي سينيٽ ??يڪ?? به فيصلو ڪندو، ان جو احترام ڪنداسين. سينيٽ جي اجلاس ۾ موشن پڪچرز ترميمي بل 2023ع پڻ ايجنڊا ۾ شامل هو. سينيٽر رضا رباني نگران ??ڪو??ت پاران بل پيش ڪرڻ تي اعتراض ڪيو. جنهن تي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سينيٽ ۾ ڳالهائيندي چيو ته اها ڳالهه وضاحت سان چوڻ چاهيان ٿو ته منهنجي 63 سال عمر آهي ۽ سڄي زندگي آئين ۽ قانون سان گڏ بيٺل رهيو آهيان ۽ ان ۾ ڪڏهن به فرق نه ايندو، سينيٽ ??يڪ?? به فيصلو ڪري ان جو احترام اسان سڀني تي لازمي آهي. هن چيو ته بل جي تياري تي ڪيترو عرصو لڳي ٿو سينيٽ جي ميمبرن کي ان جي چڱي ريت ڄاڻ آهي، هي بل اسان وٽ اچڻ کان اڳ اڳوڻي ??ڪو??ت جي دور ۾ پڻ غور هيٺ رهيو. هن چيو ته قانون واري وزارت ۽ ليگل برانچ مون کي اهو ئي مشورو ڏنو ته توهان موشن پڪچرز (ترميمي) بل 2023ع سينيٽ ۾ پيش ڪريو ان لاءِ آئون حاضر ٿيو آهيان پر ان تي چيئرمين ۽ سينيٽ ??يڪ?? به فيصلو ڪندا آئون ان جو احترام ڪندس. چيئرمين چيو ته جيڪڏهن ان ۾ ڪو فوري نوعيت جو معاملو نه آهي ته ان کي چونڊيل ??ڪو??ت جي اچڻ تائين التوا ۾ رکيو وڃي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته هي بل هونئن به ڪميٽي ۾ وڃڻو هو ۽ جيئن ته ??وم?? اسيمبلي موجود نه آهي، فوري طور تي قانون نٿو ٺهي سگهي ان لاءِ ??يڪ?? به فيصلو توهان ڪندا ان جو احترام ڪيو ويندو. ان کانپوءِ چيئرمين ان معاملي تي غور ملتوي ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته ان تي اٽارني جنرل سان به مشاورت ڪئي ويندي ۽ جمعي ڏينهن ان تي فيصلو ڪيو ويندو.