ڪراچي – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان آغا خان يونيورسٽي ??ي صدر ڊاڪٽر سلمان شهاب الدين ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ صدر آغا خان يونيورسٽي نگران وزيراعظم جي دوري جي آجيان ڪئي ۽ يونيورسٽي ??ي مختلف شعبن ?? خدمتن جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم آغا خان يونيورسٽي ??ي مجموعي طور تي ۽ خاص طور تي صحت جي ش??بي ۾ اڻٿڪ ۽ تحقيق تي ٻڌل تعليمي خدمتن کي ساراهيو.