مظفر آباد – 14 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڀارت جي غيرقانوني قدمن سان ڪشمي??ين جي آزادي جي جدوجهد ڪمزور نه ٿيندي پر وڌيڪ مضبوط ٿيندي، پاڪستا??ين جي دل پنهنجي ڪشميري ڀينرن ۽ ڀ??ئر?? س??ن گڏ ڌڙڪي ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق ۽ قانونساز اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن قانونساز اسيمبلي جي اسپيڪر چيمبر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي آزاد ڪشمير اچڻ تي ڀليڪار چئي. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم ۽ قانونساز اسيمبلي جي اسپيڪر ڀارتي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستا??ين جي دل پنهنجي ڪشميري ڀينرن ۽ ڀ??ئر?? س??ن گڏ ڌڙڪي ٿي. هن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قدمن سان ڪشمي??ين جي آزادي جي جدوجهد ڪمزور نه پر وڌيڪ مضبوط ٿيندي.