اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ اٽڪل 2 ڪروڙ 80 لک ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن جن کي تعليم ڏيڻ جي لا??ِ مسجدن سان گڏجي گڏيل ڪوششون ڪرڻيون پونديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ مسجد?? جي تعليم جي فروغ جي حوالي سان ڪردار تي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ مذهبي معاملن واري نگران وفاقي وزير، سنڌ جي تعليم واري صوبائي وزير ۽ آزاد ڪشمير جي تعليم واري وزير، تعليم وارن صوبائي سيڪريٽريز، اوقافت کاتي ۽ مذهبي معامل?? جي نمائندن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان ۾ اٽڪل 2 ڪروڙ 80 لک ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن جن کي تعليم ڏيڻ جي لا??ِ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻي پوندي. هن ٻارن کي تعليم جي فراهمي جي لا??ِ مسجدن سان گڏجي گڏيل ڪوشش?? جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته مسجدن کي خواندگي ۽ تعليمي مقصد?? جي لا??ِ استعمال ڪري سگهجي ٿو. اجلاس ۾ صدر کي ايڪسلريٽيڊ لرننگ پروگرام تي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته اسلام آباد ۾ تعليم کان محروم 70 هزار کان وڌيڪ ٻار?? جي اسڪول ۾ داخلا ڪئي وئي آهي. ايڪسلريٽڊ لرننگ پروگرام ماڊل 24 کان 30 مهينن ۾ 5 سال?? جي پرائمري تعليم ڏي ٿو، پروگرام ۾ اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي باقاعده اسڪولن ۾ داخل ڪيو وڃي ٿو، تعليم کان محروم وڏي عمر جا ٻار پروگرام مان فائدو کڻي سگهن ٿا. بريفنگ ۾ چيو ويو ته اي ايل پي ماڊل لچڪدار، موزُون ۽ گهٽ لاڳت جو ماڊل آهي، ان کي ڪميونٽي جي فراهم ڪيل جڳهه، مدرسن، مسجدن ۽ اسڪول?? جي ٻي شفٽ ۾ اختيار ڪري سگهجي ٿو. مذهبي معاملن واري نگران وفاقي وزير انيق احمد چيو ته وفاقي حڪومت صوبن کي اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي تعليم ڏيڻ جي لا??ِ هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي. اجلاس ۾ مسجدن کي تعليمي سرگرمي?? جي لا??ِ استعمال ڪرڻ جي لا??ِ هڪ پاليسي پيپر تيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اتفاق راءِ سان تيار ڪيل پاليسي پيپر وفاقي ڪابينا جي منظوري جي لا??ِ پيش ڪيو ويندو.