اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان عوامي جمهوريه چين جي نائب پرڏيهي و??ير سن ويڊونگ ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ چين جي گڏيل فائدي جي لاءِ معيشت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ انساني و??يلن جي ترقي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي خواهش و ورجاءُ ڪيو ويو. پاڪستان جي دوري تي آيل چيني نائب پرڏيهي و??ير وفد سان گڏ ايوان صدر ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ملاقات ڪئي، پاڪستان ۾ چين جو سفير جيانگ زيڊونگ پڻ ملاقات ۾ موجود هو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر وفد جي آجيان ڪندي چيو ته چين هڪ تمام ئي عزيز دوست آهي جنهن سدائين م??ڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته سي پيڪ منصوبن پاڪستان جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ اقتصادي ترقي ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. صدر چيو ته پاڪستان سي پيڪ جي اعليٰ معيار جي ترقي جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي، سي پيڪ جي اڳئين م??حلي ۾ چين جو تعاون پاڪستان جي صنعتي ترقي جي لاءِ اهم هوندو. هن چيو ته ٻنهي دوست ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي تعاون ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مست??ڪم ڪندو. هن پاڪستان جي معيشت کي مست??ڪم ڪرڻ ۾ چين جي تعاون کي ساراهيو. صدر چيو ته پاڪستان پنهنجي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ آءِ ٽي، تعليم، صحت، زراعت ۽ غربت جي خاتمي جي شعبن ۾ چيني تجربن م??ن فائدو کڻڻ چاهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين م??تلف علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪ جهڙا خيال رکن ٿا ۽ مختلف فورمز تي تعاون ڪن ٿا. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ”ون چائنا“ پاليسي، تائيوان، هانگ ڪانگ، تبت، سنڪيانگ ۽ بحيره ڏکڻ چين سميت سمورن بنيادي مسئلن تي چين جي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته پاڪستان قومي ترقي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي ان جي اصولي موقف جي حمايت ڪرڻ تي چين جو ٿورائتو آهي. چين جي نائب پرڏيهي و??ير چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن جي هڪ پراڻي تاريخ آهي جيڪي وڌيڪ مضبوط ٿيندا رهندا. هن م??رچ 2020ع ۾ ڪوويڊ 19 جي و??ا دوران چين جي دوري تي صدر پاڪستان جا ٿورا مڃيندي چيو ته چين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ سندس حمايت کي سدائين ياد رکيو ويندو.