اسلام آباد-15 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن وا??ي نگران ??فا??ي وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز جي صدارت هيٺ راولپنڊي اسلام آباد ۾ رٿ??ل اجلاس ۾ جاڙن شهرن راولپنڊي اسلام آباد ۾ پاڻيءَ جي فراهمي ۽ صفائي ۽ گند ڪچري کي ٺڪاڻي لڳ??ئڻ جي موجوده نظام جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ اطلاعات وا??ي ??فا??ي وزير مرتضيٰ سولنگي خصوصي طور شرڪت ڪئي، جڏهن ته چيف ڪمشنر اسلام آباد، لوڪل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ، آر ڊي اي ۽ ڪئنٽونمينٽ بورڊ جي نمائندن به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻُڌايو ويو ته 8 هزار ڪارڪن صفائيءَ تي ٻَڌل آهن جيڪي 7 ارب رپين جي سالياني بجيٽ سان روزانو تقريبن 2300 ٽن ڪچرو ٺڪاڻي لڳائيندا آهن پر ان باوجود ٻنهي شهرن ۾ صفائي کي معياري قرار نٿو ڏ??ي سگهجي. اجلاس کي ٻُڌايو ويو ته هن وقت جاڙن شهرن کي پاڻي جي 47 سيڪڙو کوٽ جو مُنهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. گهرو وزير چيو ته اسان چاهيون ٿا ته گاديءَ وا??و هنڌ ٻين شهرن لاءِ روشن مثال بڻجي. پاڻيءَ جي فراهمي ۽ صفائي بنيادي ضرورتون آهن. سڀاڻي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ اڄ فيصلا سازي ڪرڻي پوندي. هن چيو ته مربوط، جامع ۽ مؤثر نظام جوڙڻو پوندو ته جيئن عوام کي معياري سهولتون فراهم ڪري سگهجن. گهرو وزير چيو ته ان سلسلي ۾ جلد کان جلد سمورن ضروري قدمن تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته صفائي کي يقيني بنائڻ، پاڻي جي فراهمي جي نظام جي بهتريءَ لاءِ اڻٽر آهي. ان موقعي تي سڌ سماءَ وا??ي ??فا??ي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته زمين اندر پاڻيءَ جي سطح ۾ بهتري، پاڻيءَ جي فراهمي ۾ انتهائي اهم آهي، ان لاءِ ان طرف توجهه ڏيڻي پوندي. هن چيو ته اسلام آباد جي قدرتي نالن جي صفائيءَ کي يقيني بڻائڻو پوندو.