اسلام آباد – 07 ?? مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان ۽ يورپي يونين ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ فالو ا?? قدمن جي لاءِ اداراجاتي مڪينزم جا باقاعده اجلاس منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته گذريل ڏينهن پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ اسلام آباد ۾ سياسي ڊائيلاگ جو نائون دور ٿيو جنهن جي گڏيل صدارت پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي ۽ يورپين ايڪسٽرنل ايڪشن سروس جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل ايزيڪ مورا ڪئي. ترجمان چيو ته هنن يورپي يونين جي فليگ شپ پروگرامز گلوبل گيٽ وي اسٽريٽجي ۽ هورائزن يورپ تحت نوان موقعا ڳولڻ ت?? پڻ اتفاق ڪيو آهي. هن چيو ته ڌرين پاڪستان ۽ يورپي يونين جي ٻطرفن لاڳاپن جي سمورنر خن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ اسٽريٽجڪ انگيجمينٽ پلان، واپار ۽ ترقياتي تعاون، سلامتي، موسمياتي تبديلي کانسواءِ مائيگريشن ۽ موبلٽي تي خيالن جي ڏي وٺ پڻ ش??مل آهي. ٻنهي ڌرين اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي ت?? پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ تيزي س??ن بدلجندڙ جاگرافيائي سياسي منظرنامي جي وچ ۾ ويجهي تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه جي ضرورت تي زور ڏنو.