اسلام آباد– 26 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪ چين دوستي کي نقصان پهچائڻ جي ڪڌي ??وششن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، دهش??گر??ي جي ناسور جي خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين، حڪومت بشام واقعي جي اعليٰ سطحي ۽ جلد جاچ ڪري ذميوارن ۽ سهولتڪارن کي سخت سزا ڏيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد ۾ چيني سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ چين جي ??اڪ??تان ۾ سفير جيانگ زائيڊونگ سان بشام ۾ دهش??گر?? حملي ۾ 5 چيني شهرين جي مارجڻ تي تعزيت ج?? اظهار ڪيو. ان موقعي تي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان ??ڏ هئا. وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري قوم جون همدرديون چيني شهرين جي گهرڀاتين سان آهن، ??اڪ??تاني حڪومت واقعي جي اعليٰ سطحي ۽ جلد جاچ ڪري ذميوارن ۽ سهولتڪارن کي سخت سزا ڏيندي. چيني سفير سان ??الهائيندي وزيراعظم چيني صدر ۽ چيني وزيراعظم جي لاءِ واقعي جي حوالي سان تعزيتي پيغام ڏنو. وزيراعظم چيو ته پاڪ چين دوستي کي نقصان پهچائڻ جي اهڙي ڪڌي ??وششن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، سي پيڪ جي دشمنن هڪ ڀيرو ٻيهر اهڙي بزدلاڻي حرڪت سان ان ??ي ڪمزور ڪرڻ جي سازش ڪئي آهي پر دشمن پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪڏهن ڪامياب نه ٿا ٿي سگهن، دهش??گر??ي جي ناسور جي خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين. چيني سفير وزيراعظم جي سفارتخاني اچڻ ۽ واقعي جي جاچ ۾ ذاتي دلچسپي تي ٿورا مڃيا ۽ وزيراعظم جي پاڪ چين دوستي جي حوالي سان عزم کي ساراهيو.