اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جي صنعت ۾ سيڙپڪاري جي وسيع صلاحيت موجود آهي، بهترين ٽيڪنالاجي رکندڙ جاپان?? ڪمپنيون ان مان ڀرپور فائدو کڻي سگهن ٿيون، جاپان?? ڪمپنين جي پاڪستان ۾ پنهنجي ڪاروباري سرگرمين کي سگهه ڏيڻ جي حوالي سان مسئلن جي حل لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جاپاني واپارين ۽ پاڪستاني حڪومتي اهلڪارن جي تعاون سان هڪ هفتي جي دوران انهن مسئلن جو حل يقيني بڻايو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ جاپان?? ڪمپنين ۽ ڪاروباري شخصيتن جي وفد جي جاپاني سفير جي قيادت ۾ ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، محمد اورنگزيب، راڻا تنوير حسين، عبدالعليم خان، مملڪ??ي وزير شزه فاطمه خواجه، ايف بي آر چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پ?? موجود هئا. وزيراعظم چيو ته جاپان ۽ پاڪستان پراڻا دوست ملڪ آهن، جن جي وچ ۾ واپاري لاڳاپا ڏهاڪن تي ٻڌل آهن. وقت اچي ويو آهي ته ٻئي ملڪ مختلف شعبن ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌيڪ فروغ ڏين. جاپاني صنعتڪارن ۽ واپارين کي درپيش سمورن مسئلن تي گڏجي ضابطو آڻينداسين. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جي صنعت ۾ سيڙپڪاري جي وسيع صلاحيت موجود آهي، بهترين ٽيڪنالاجي رکندڙ جاپان?? ڪمپنيون ان مان ڀرپور فائدو کڻي سگهن ٿيون، جاپان?? ڪمپنين جي پاڪستان ۾ پنهنجي ڪاروباري سرگرمين کي سگهه ڏيڻ جي حوالي سان مسئلن جي حل لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جاپاني واپارين ۽ پاڪستاني حڪومت اهلڪارن جي تعاون سان هڪ هفتي دوران انهن مسئلن جو حل يقيني بڻايو ويندو. ملاقات ۾ جاپاني وفد وزيراعظم جي قيادت ۾ حڪومت جي پاڪستان ۾ ڪاروبار دوست پاليسين ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ قدمن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. جاپاني سفير وزيراعظم کي هلندڙ سال جولاءِ ۾ 20 رڪني ناليوارين جاپان?? ڪمپنين جي وفد جي پاڪستان اچڻ بابت آگاهه ڪيو جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڙپڪاري ۽ واپار جي فروغ جي لاءِ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. جاپاني وفد ان اميد جو اظهار ڪيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي اضافي تي خاص ڌيان ۽ ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري عالمي سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اض??فو ٿيندو ۽ ملڪي روانگي واپار وڌندو. وفد وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته جاپان?? ڪمپنين پاڪستان ۾ هاءِ برڊ گاڏين جي مقامي سطح تي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم ان قدم کي خوش آئنده قرار ڏنو. مختلف ڪمپنين جي نمائندن وزيراعظم کي پاڪستان ۾ جاري پنهنجي سرگرمين بابت آگاهه ڪيو ۽ اجلاس کي ٻڌايو ته جاپان?? ڪمپنيون ويليو ايڊيشن کانپوءِ پاڪستان مان ٻين ملڪن ۾ پڻ برآمدات ڪري رهيون آهن.