اسلام آباد – 16 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان ع??ان جي شهر مسقط ۾ دهشتگردي جي بزدلاڻي واقعي جي شديد مذمت ڪئي آهي، دهشتگردي جي واقعي ۾ 4 پاڪستانين سميت ڪيترائي ماڻهو شهيد ٿي ويا. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان ۾ پرڏيهي آفيس جي تر??ما?? چيو ته پاڪستان ع??ان جي شهر واديءَ ڪبير جي مسجد امام علي بن ا??ي طالب ۾ دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي آهي، پاڪستان ع??ان کي جاچ ۽ دهشتگردن کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي لاءِ مڪمل تعاون جي آڇ ڪئي آهي. تر??ما?? ٻڌايو ته 30 زخمي پاڪستاني مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. پاڪستان جي سفير عمران ع??ي زخمين جي خيريت معلوم ڪرڻ جي لاءِ مقامي اسپتالن جو دورو ڪيو. پاڪستاني سفير لاشن جي سڃاڻپ ۽ انهن جي وطن واپسي جي لاءِ عماني عملدارن سان رابطي ۾ آهي. عمان ۾ پاڪستانين جي سهولت لاءِ هيلپ لائين قائم ڪئي وئي آهي.