راولپنڊي-29 جولاءِ (اي پي پي) گوادر ۾ نام نهاد بلوچ راجي مچي جي آڙ ۾ سيڪيورٽي جي ڊيوٽي تي مقرر فورسز جي اهلڪارن تي حملو ??يو ويو جنهن جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جو جوان شهيد جڏهن ته هڪ آفيسر سميت 16 جوان زخمي ٿي پيا، پاڪ فوج هجوم جي پرتشدد ڪاررواين کي ناقابل قبُول قرار ڏيندي ذميوارن کي ان??اف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي عزم کي ورجايو. آءِ ايس پي آر موجب 29 جولاءِ تي نام نهاد بلوچ راجي مچي جي آڙ ۾ هڪ پرتشدد هجوم گوادر ضلعي ۾ سيڪيورٽي تي موجود اهلڪارن تي حملو ??يو جنهن جي نتيجي ۾ سپاهي شبير بلوچ، عمر 30 سال رهندڙ سبي، شهيد ٿي ويو. ان کانسواءِ مظاه??و ڪندڙن جي ب??اجواز حملن جي نتيجي ۾ هڪ آفيسر سميت 16 فوجي زخمي ٿيا آهن. ٻئي طرف سوشل ميڊيا تي غير قانوني پرتشدد مارچ لاءِ ه??دردي ۽ حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ پروپيگنڊا ڪندڙن طرفان ڪوڙيون تصويرون ۽ جعلي وڊيوز جو استعمال ڪندي ڪوڙ ۽ بدنيتي تي ٻڌل پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز اشتعال انگيزي باوجود غير ضروري شهرين جي مارجڻ کان بچائڻ لاءِ ان??هائي صبر جو مظاه??و ڪيو. هجوم جون پرُتشدد ڪارروايون ناقابل قبول آهن ۽ ذميوارن کي ان??اف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. سمورن شهرين کي اپيل ڪئي وڃي ٿي ته اهي پروپيگنڊا جو شڪار نه ٿين، پراسڪون ۽ پرامن رهن ۽ امن امان کي برقرار رکڻ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان تعاون ڪن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز قوم سان گڏجي ب??وچستان جي امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ جي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي.