اسلام آباد-07 آگسٽ (اي ??ي پي) صنعت، پيداوار، قومي ??ذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير را??ا تنوير حسين زرعي سائنسدانن ۽ پاليسي سازن تي زور ڀريو آهي ته هو ملڪ ۾ غذائي سلامتي ۽ تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ مقامي ??رعي شعبي جي بهتري لاءِ فعال ڪردار ادا ڪن. سيڊ پوٽو ڪامپليڪس ۽ پٽاٽي جي ٻج جي پيداوار ۽ سپلائي چين تي عالمي ??مپوزيم جي افتتاح جي موقعي تي وفاقي وزير ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان زرعي معيشت جي باوجود غذائي شيون ٻاهران گهرائي رهيو آهي. ان تقريب جو اهتمام پاڪستان زرعي تحقيقاتي ڪائونسل (پي اي آر سي) ڪورين پروگرام آن انٽرنيشنل ايگريڪلچر (ڪوپيا) جي تعاون سان ڪيو هو. ان جو مقصد مقامي فصلن جي پيداوار کي وڌائڻ ۽ امپورٽ جوڳو اضافو پيدا ڪرڻ لاءِ وائرس کان پاڪ پٽاٽي جو ٻج پيدا ڪرڻ آهي. تقريب ۾ جمهوريه ڪوريا جي سفير، پي اي آر سي، اين اي آر سي، ڪوپيا جي سينئر عملدارن کانسواءِ قومي ۽ عالمي ??نظيمن جي نمائندن، ترقياتي شراڪتدارن، زرعي سائنسدانن، ماهرن، نجي شعبي جي تنظيمن، اين جي اوز ۽ ترقي پسند آبادگارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.پنهنجي خطاب ۾ را??ا تنوير حسين زرعي تحقيق کي اڳتي وڌائڻ ۽ آبادگارن تائين ان جي موثر پهچ کي يقيني بڻائڻ لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ کي هٿي ڏيڻ جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته هي مقامي ??رورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ سمورن وڏن ۽ ننڍن فصلن جي في ايڪڙ پيداوار وڌائڻ لاءِ اهم آهي. هن چيو ته پٽاٽو ملڪ ۾ هڪ اهم ڪيش ڪراپ ۽ ٽيون نمبر سڀ کان وڏو خوراڪ وارو فصل آهي، جيڪو مختلف موسمن ۽ خطن ۾ 837669 ايڪڙ تي پوکيو ويندو آهي. هن وضاحت ڪئي ته ايرو پونڪ گرين هائوس جي قيام سان پٽاٽي جي ٻج جي معيار ۾ اضافو ٿيندو. جديد تحقيق ۾ مدد ملندي ۽ مقامي ??بادگارن کي معياري ٻج جي مسلسل ف??اه??ي کي يقيني بڻايو ويندو. ان سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ ان ۾ اضافو ٿيندو. را??ا تنوير حسين اهو به ٻڌايو ته پٽاٽي جي ٻج جي مقامي پيداوار سان پرڏيهي ناڻي جي بچت ۽ مقامي ??بادگارن کي سستي اگهه تي ٻڄ ف??اه?? ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته حڪومت زرعي شعبي جي ترقي لاءِ پرعزم آهي ۽ ان جي ترقي ۾ مدد لاءِ ڪيترائي منصوبا شروع ڪيا آهن. هن روشني وڌي ته ٻيا ملڪ زرعي ٽيڪنالاجي جي منتقلي جي منصوبن تي تعاون ڪري رهيا آهن، جنهن سان مقامي ??رعي پيداوار ۽ شعبي جي ترقي کي سگهه ملندي. وزير اهو نوٽ ڪندي نتيجو ڪڍيو ته ڪوپيا جي امداد پاڪستان کي غذائي تحفظ ۽ سلامتي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ پائيدار زرعي ترقي کي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي.