اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي قومي اسيمب??ي جي ميمبر مهتاب اڪبر راشدي چيو آهي ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري چيئرمين کي لامحدود اختيار ڏنا پيا وڃن جنهن تي اسان کي خد??ا آهن، ان م??ام??ي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي ڳالهائيندي پيپلزپارٽي جي مهتاب اڪبر راشدي چيو ته ارسا ايڪٽ تحت ميمبر صوبن کان ورتا ويندا آهن ۽ هر ميمبر واري واري سان چيئرمين بڻجندو آهي. ايڪٽ ۾ ترميم آ??دي پئي وڃي ان موجب چيئرمين کي نامزد ڪيو ويندو. نامزد چيئرمين کي لامحدود اختيار ڏنا پيا وڃن، ان حوالي سان خدشن جو اظهار ڪيو پيو و??ي. ان م??ام??ي جو نوٽيس وٺڻ ضروري آهي.