لاهور -11 سيپٽمبر (اي پي پي) لاهور سميت سڄي پنجاب ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا. پي ڊي ??يم اي پنجاب جي ترجمان م??اب?? ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 5.7 رڪارڊ ڪئي وئي. زلزلي جو مرڪز ڊير?? غازي خان شادي والا جڏهن ته اونهائي 10 ڪلوميٽر هئي. سڄي پنجاب جي انتظاميه عمارتن جي چيڪنگ ۾ مصروف آهي. زلزلي جي آفٽر شاڪس کي منهن ڏيڻ لاءِ مشينري ۽ عملي کي الرٽ رکيو ويو آهي. پي ڊي ??يم اي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر چيو آهي، ته صوبائي ڪنٽرول روم سميت سڄي پنجاب جي ڊسٽرڪٽ ا??مر??نسي آپريشن سينٽرز به الرٽ آهن. زلزلي جي نقصانن جا اطلاع پي ڊي ??يم اي جي هيلپ لائين نمبر 1129 تي ڏئي سگهجن ٿا.