ڪوئٽا-24 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو آهي، ته بلوچستان جي نوجوانن ۾ بي پناهه ٽيلنٽ موجود آهي، جيڪڏهن انهن کي موقعو ملي ته هو پاڪستان جي عالمي سطح تي نمائندگي ڪري سگهن ٿا. شاهه ز??ب رند ورلڊ چيمپئين ٽائيٽل کٽي نه رڳو بلوچستان پر پاڪستان جو نالو عالمي سطح تي روشن ڪيو آهي. انهن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن بيوٽمز يونيورسٽي ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن ورلڊ ٽائيٽل کٽڻ تي شاهه ز??ب رند کي مبارڪون ڏيندي چيو ته راند اهڙو شعبو آهي جنهن ۾ محنت جي عيوض ڪاميابي مقدر بڻجند?? آهي، ??ن چيو ته جڏهن پهرين به مان بلوچستان جو دورو ڪيو هو ۽ نوجوانن سان مليو هئس ته انهن نوجوانن مون کي متاثر ڪيو هو. ??ن چيو ته بلوچستان جي اڻوڻندڙ حالتن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ نوجوانن جو ڪمال آهي، نيشنل والنٽيئر ڪار جو لوگو ٺاهيندڙ ٻارڙي جو تعلق ڪوئٽا جي سرياب روڊ سان آهي جيڪا تمام وڏي ڳالهه آهي. ??ن چيو ته هن وقت وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ کان ٻاهر آهي، جهڙي ريت ارشد نديم کي وزيراعظم هائوس ۾ گهرايو ويو هو، اهڙي ريت شاهه ز??ب رند به قوم جو هيرو آهي، ان کي به وزيراعظم هائوس ۾ گهرايو ويندو ۽ ان جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي. ??ن چيو ته تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ بلوچستان ۾ وڌيڪ 3 دانش اسڪول کولي رهيا آهيون. ان موقعي تي تقريب کي وشو ڪراٽي ??مبيٽ ۾ ورلڊ ٽائيٽل کٽندڙ شاهه ز??ب رند خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان لاءِ ورلڊ ٽائيٽل کٽڻ اعزاز جي ڳالهه آهي. ??ن چيو ته پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ننڍي ڪلب کان ڪئي هئي، ماڻهو منهنجي خواب ۽ ٽارگيٽ تي هلندا هئا، محبت هجي ۽ ويزن واضح هجي ته ڪاميابي اوهان جو مقدر بڻجي ويند?? آهي. هن نوجوانن کي چيو ته هو جنهن به فيلڊ ۾ آهن، ان ۾ مستقل مزاجي سان ڪم جاري رکن. هن وزيراعليٰ بلوچستان ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن طرفان استقبال تي سندن شڪريو به ادا ڪيو.