نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر جو بائيڊن چيو آهي ته دنيا کي هن وقت ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن، دنيا ۾ ڪيترائي ماڻهو مشڪلاتن ۾ ورتل آهن ۽ مشڪلاتن مان نڪرڻ جو رستو هوندو آهي. گڏيل قومن جي ??نرل اسيمبلي جي ??جلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته جنرل اسيمبلي کي هي منهنجو چوٿون ۽ آخري خطاب آهي. جو بائيڊن چيو ته روس يوڪرين تي حملو ڪيو ته اسان خاموش رهي سگهياسين پئي پر ائين نه ڪيو، اسان روس جي ??لاف اٿي بيٺاسين ?? اڄ نيٽو اڳ کان وڌيڪ مضبوط آهي. هن چيو ته چين سان معاشي مقابلي ۾ ذميواري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. غز?? ۾ ??اري اسرائيلي جارحيت تي جو بائيڊن چيو ته دنيا کي 7 آڪٽوبر جي ??باهين کان پٺتي نه هٽڻ گهرجي، غز?? ۾ ??هري ۽ يرغمالي افسوسناڪ لمحن مان گذري رهيا آهن. آمريڪي صدر چيو ته غزه ۾ هزارين فلسطيني ۽ ٻار انتهائي مشڪل حالتن ۾ آهن، وچ اوڀر ۾ جنگ جو ڦهلاءُ ڪنهن جي ??ق ۾ نه آهي، هر مسئلي جو سفارتي حل ممڪن هوندو آهي، فلسطين مسئلي جو حل ٻه رياستن جي قيام ۾ آهي. جو بائيڊن چيو ته غز?? ۾ ??نگبندي ۽ يرغمالين کي گهر واپس آڻڻ جو معاهدو فائنل ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. آمريڪي صدر پنهنجي ??طاب ۾ چيو ته سوڊان ۾ خوني گهرو وي??هه جي ڪري 80 لک ماڻهو بک جو شڪار آهن، دنيا کي سوڊان ۾ جنگجوئن کي هٿيار ڏيڻ بند ڪرڻو پوندو. صدر جو بائيڊن چيو ته آمريڪا 2030ع تائين آلوده اخراج ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي جي ??اهه تي گامزن آهي، صاف توانائي کان وٺي ٽيڪنالاجي ۾ جدت تي پوري دنيا جو حق آهي. آمريڪي صدر چيو ته گڏيل قومن کي دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ جي پنهنجي ??نيادي ڪم طرف واپس اچڻو پوندو. جو بائيڊن جو چوڻ هو ته مصنوعي ذهانت جو ذميواراڻو استعمال ٿيڻ گهرجي، مصنوعي ذهانت جي لاءِ عالمي قانون ٺاهڻ جي ??رورت آهي.