اسلام آباد – 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ??لا??يشيا جي وزيراعظمن تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي رابطن کي فرو?? ڏيڻ، پائيدار سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ گڏيل افهام تفهيم کي فرو?? ڏيڻ ۾ سياحت جي صنعت ۽ نوجوانن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو آهي جڏهن ته هوابازي ۽ اڏامن جي تعاون کي وسيع ڪرڻ جو فيصلو ۽ حلال مصنوعات جي پروسيسنگ ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب پاڪستان ۽ ??لا??يشيا جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ??لا??يشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم جي پاڪستان جي دوري جي موقعي تي پاڪستان ۽ ??لا??يشيا جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿي. پاڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ??لا??يشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم پنهنجي پنهنجي وفدن جي قيادت ڪئي. ٻنهي وزيراعظمن پاڪستان ۽ ??لا??يشيا جي وچ ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ باقاعده اعليٰ سطح مٽاسٽا، اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ ۽ ٻطرفي اداراجاتي حڪمت ??مل?? کي مضبوط بڻائڻ تي زور ڏنو. 8 نومبر 2007ع تي ڪوالالمپور ۾ صحيحون ڪيل ??لا??يشيا – پاڪستان جامع اقتصادي حصيداري جي معاهدي جي توثيق ڪندي ٻنهي ڌرين ٻطرفي اقتصادي تعاون کي مضبوط بڻائڻ، واپار وڌائڻ، اهم شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ ۽ واپاري عدم توازن کي ختم ڪ??ڻ تي اتفاق ڪيو. ان ڏس ۾ ٻنهي ڌرين ٻطرفي اقتصادي حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ جائزي جي لاءِ جلد جامع اقتصادي حصيداري جي معاهدي جي گڏيل جائزه ڪميٽي جو اجلاس جلد گهرائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي طرفن حلال مصنوعات جي پروسيسنگ ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. پاڪستان پاران حلال مصنوعات جي گهرج کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ??لا??يشيا کي حلال گوشت جي برآمد وڌائڻ جي آڇ ڪئي وئي. وزيراعظم پاڪستان مان ??لا??يشيا کي حلال گوشت جي برآمد کي ساليانو 200 ملين ڊالر تائين وٺي وڃڻ جي تجويز ڏني. ٻنهي ڌرين پنهنجي اسٽريٽجڪ حصيداري ۽ پهرين آگسٽ 1997ع تي صحيحون ڪيل دفاعي تعاون جي مفاهمت نامي جي حوالي سان ٻطرفي دفاعي مٽاسٽا جي اهميت جو ورجاءُ ڪيو ۽ نومبر 2023ع ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ 14هين دفاعي تعاون بابت گڏيل ڪميٽي (جي سي ڊي سي) ۾ ڪيل فيصلن کي ساراهيو. وزيراعظم شهباز شريف آئيڊياز 2024ع ۾ شرڪت جي لاءِ ??لا??يشيا جي اعليٰ سطح جو وفد موڪلڻ جي فيصلي جي آجيان ڪئي. ٻنهي ڌرين اعليٰ تعليم ۽ فني ۽ پيشيواراڻي تربيت جي ادارن جي وچ ۾ تعليمي رابطن ۽ تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. هن پاڪستان ۽ ??لا??يشيا جي وچ ۾ عوامي رابطن کي فرو?? ڏيڻ، پائيدار سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ گڏيل افهام تفهيم کي فرو?? ڏيڻ ۾ سياحت جي صنعت ۽ نوجوانن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياحت ۾ اضافي جي آجيان ڪئي. ان کانسواءِ هوابازي ۽ اڏامن جي تعاون کي وسيع ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو. ڌرين ٻطرفي ڪاروبار کي وڌائڻ جو فيصلو ڪيو. ڌرين فلسطين ۽ وچ اوڀر جي صورتحال سميت اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. بعد ۾ ٻنهي وزيراعظمن مفاهمت جي يادداشتن (ايم او يوز) ۽ تعاون جي هڪ دستاويز جي مٽاسٽا واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ٽريڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) ۽ ??لا??يشيا ايڪسٽرنل ٽريڊ ڊيولپمينٽ ??وآپريشن جي وچ ۾ واپاري تعاون تي مفاهمت جي يادداشت ۽ پاڪستان – ??لا??يشيا بزنس ڪائونسل (پي ايم بي سي) ۽ ??لا??يشيا – پاڪستن بزنس ڪائونسل (ايم پي بي سي) جي وچ ۾ حلال واپار ۾ تعاون جي لاءِ ايم او يو جي مٽاسٽا ڪئي وئي. پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي (پي ٽي آي) ??لا??يشين ڪميونيڪشن اينڊ ملٽي ميڊيا ڪميشن (ايم سي ايم سي) جي وچ ۾ تعاون جي هڪ دستاويز تي پڻ صحيحون ڪيون ويون. وزيراعظم محمد شهباز شريف ??لا??يشيا جي وزيراعظم ۽ سندس وفد جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو.