پشاور-10 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي و??ير محسن نقوي ۽ خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جي صدارت هيٺ اهم مشاورتي اجلاس ڪالهه خم??س ڏينهن گورنر هائوس پشاور ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪردار ادا ڪرڻ جو گڏيل فيصلو ٿيو. گهرو و??ارت جي ترجمان موجب خم??س ڏينهن وفاقي گهرو و??ير محسن نقوي پشاور جي دوري دوران گورنر هائوس ويو جتي اهم مشاورتي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي و??ير امير مقام، اي اين پي جو صدر ايمل ولي خان، ميان افتخار، قومي وطن پارٽي جي سڪندر حيات شيرپائو سميت ٻي سياسي قيادت شريڪ ٿي. اجلاس ۾ خيبرپختونخوا صوبي ۾ امن قائم ڪرڻ جي حوالي سان مشاورت ٿي. اجلاس ۾ آءِ جي، چيف سيڪريٽري خيبرپختونخوا ۽ ڪانڊنٽ ايف سي به شرڪت ڪئي.