اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابن??ي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته نو??وانن کي پاڪستان جي روشن مستقبل لاءِ جديد سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي، اڄ جي دنيا ۾ ترقي ۽ خوشحاليءَ جو دارومدار سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي مهارت تي آهي، اهي ئي قومون ترقيون ڪنديون آهن ??يڪي سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ جديد تحقيق ۾ اڳيان اڳيان آهن. هن ??هڙن خيالن جواظهار اسپيس ويڪ 2024ع جي تقريبن جي سلسلي ۾ اسلام آباد ماڊل ڪاليج فار گرلز ايف 2/6، ۾ شاگردن کي خطاب ڪندي ڪيو. اسپيس ويڪ جيڪو هر سال 4 آڪٽوبر کان 10 آڪٽوبر تائين ملهايو ويندو آهي، جو مقصد سڄي دنيا ۾ خلائي سائنس جي حوالي سان آگاهي ڦهلائن ۽ نو??وانن کي خلائي تحقيق جي موقعن طرف راغب ڪرڻ آهي. پنهنجي خطاب ۾ وفاقي وزير نو??وانن کي پاڪستان جي روشن مستقبل لاءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ تي زور ڀريو. پروفيسر احسن اقبال خطاب جي شروعات ۾ چيو ته اڄ جي دنيا ۾ ترقي ۽ خوشحاليءَ جو دارومدار سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي مهارت تي آهي، اهي ئي قومون ترقيون ڪنديون آهن ??يڪي سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ جديد تحقيق ۾ اڳيان اڳيان آهن. هن ماضيءَ جي اسلامي تهذيبن جو ذڪر ڪندي چيو ته جڏهن ??غداد، دمشق ۽ قرطبه جهڙن شهرن ۾ علم ۽ تحقيق جا مرڪز قائم هئا ته مسلمان دنيا جي اڳواڻي ڪري ??هيا هئا، پر جڏهن ??لم ۽ تحقيق کان دُوري ??ختيار ڪئي ته تهذيبي زوال جو مُنهن ڏسڻو پيو. احسن اقبال زور ڀريو ته مسلم اُمت جو مستقبل سائنس۽ ٽيڪنالاجي جي بحالي سان جڙيل آهي. وفاقي وزير پنهنجي تقرير ۾ خلا جي تسخير ۽ ان جي تحقيق کي عالمي ترقيءَ جو هڪ اهم عنصر قرار ڏنو. هن ??يمز ويب ٽيلي اسڪوپ ۽ يورپي اسپيس ايجنسين جي ڪاميابيءَ جو حوالو ڏيندي چيو ته اڄ جون جديد قومون سائنس ۽ تحقيق ذريعي ڪائنات جي رازن کي سمجهڻ جي ڀرپور ڪوششون ڪيون آهن ??ڏهن ??ه بدقسمتيءَ سان ڪنهن مسلمان ملڪ وٽ خلا ۾ تحقيق جي صلاحيت ناهي. هن ??ن ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته ڪو مسلم ملڪ زمين جو مدار کان اڳيان نه وڌي سگهيو. احسن اقبال چيو ته قرآن پاڪ جي آيتن موجب الله تعاليٰ انسان کي چنڊ ۽ سج جي تسخير جو حڪم ڏنو آهي ۽ اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته مسلمان ان هدايت مطابق علم ۽ تحقيق جي ميدان ۾ اڳيان وڌن. پروفيسر احسن اقبال چيو ته دنيا چوٿين صنعتي انقلاب جي دؤر ۾ داخل ٿي چڪي آهي، جتي آرٽيفيشل انٽيليجنس، روبوٽڪس، نينو ٽيڪنالاجي ۽ بائيو ٽيڪنالاجي جهڙيون جديد ٽيڪنالاجيون ترقيءَ جو معيار بڻجي چڪيون آهن. هن چيو ته انهن ٽيڪنالاجيز ۾ مهارت رکندڙ قومون ئي ايندڙ دؤر ۾ عالمي ترقي جي اڳواڻي ڪنديون. هن نو??وانن کي اقبال جي شعر جو حوالو ڏيندي آسمانن کان اڳيان سوچڻ ۽ خواب ڏسڻ جي ترغيب ڏني. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڪلائمينٽ چينج کان متاثر ملڪن ۾ شامل آهي ۽ اسپيس ٽيڪنالاجي ذريعي موسمياتي تبديلين ۽ قدرتي آفتن کي مُنهن ڏيڻ ۾ بهتري ??ڻي سگهجي. اسپيس ٽيڪنالاجي جي مدد سان اسان نه صرف زراعت ۽ پيداوار تي موسمي اثرن جو جائزو وٺي سگهون ٿا، پر قدرتي آفتن جي وقت سر اڳڪٿي به ممڪن ٿي سگهي ٿي جنهن ??ان قيمتي جانين ۽ ملڪيتن جو تحفظ ڪري ??گهجي ٿو. احسن اقبال خلا جي تحقيق ۽ اسپيس ٽيڪنالاجي جي اهميت کي روزمره جي زندگيءَ کي نظر ۾ رکندي پڻ پيش ڪيو. هن گوگل ميپس ۽ هوائي جهازن جي نيويگيشن جهڙين ايجادن جو ذڪر ڪندي چيو ته اسپيس ٽيڪنالاجي جو استعمال هر شعبي ۾ ٿي رهيو آهي ۽ ان اسان جي زندگيءَ کي آسان بڻائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته ايندڙ دؤر ۾ خلا ۾ ٿيندڙ تحقيق انسانن لاءِ نو??ن موقعا پيدا ڪن??ي، جيئن خلا ۾ توانائي جي نَون ذريعن يا انساني عضون جي پيدائش. هن پنهنجي خطاب ۾ شاگردن کي مستقبل جون ذميواريون نڀائڻ ۽ پنهنجي اندر علم ۽ تحقيق جي لڳن پيدا ڪرڻ جي تلقين ڪئي. هن چيو ته اسان کي پنهنجي نو??وان نسل کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ميدان ۾ اڳتي وڌڻ جو موقعو پيدا ڪرڻو پوندو ته جيئن پاڪستان جو مستقبل روشن ٿي سگهي. وفاقي وزير منصوبا بندي وزارت ۽ تعليم واري وزارت جي گڏيل ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته اسپيس ويڪ کي هر سال هڪ پليٽ فارم طور ملهايو ويندو ته جيئن اسان جي نئين نسل کي خلائي سائنس ۽ رازن بابت آگاهه ڪري ??گهجي ۽ انهن ??ي تحقيقي صلاحيتن کي وڌائي سگهجي. هن چيو ته استادن ۽ شاگردن کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي تعليم سان ڳنڍڻ ۽ انهن کي جديد علم سان سرشار ڪرڻ ئي پاڪستان جي نو??وانن جي روشن مستقبل جي ضمانت آهي. هن نو??وانن کي پيغام ڏنو ته هو سائنس ۽ تحقيق کي پنهنجو نصب العين بڻائين ۽ پاڪستان جو جه??ڊو خلا ۾ لهرائين. هن ??ن يقين جو اظهار ڪيو ته اڄ جا نو??وان هڪ ڏينهن پاڪستان کي دنيا جي پهرين صفن واري قوم ۾ شامل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.