اسلام آباد – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان لبنان جي خلاف اسرائيل جي ج??رح??ت جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته جمهوريه لبنان جي خلاف ج??رح??ت جو اهو عمل گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن جي سنگين خلاف ورزي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو ته اهو هڪ خطرناڪ اضافو آهي جنهن اڳ ۾ ئي غيرمستحڪم خطي ۾ امن ۽ سلامتي کي وڌيڪ خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. هن چيو ته پاڪستان لبنان جي خلاف اسرائيل جي تازه ترين فوجي ج??رح??ت جي شديد ترين لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو جنهن ۾ سوين شهرين جو قتل عام ٿيو. ترجمان چيو ته پاڪستان لبنان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پنهنجي مڪ??ل حمايت جو ورج??ءُ ڪري ٿو ۽ لبنان جي عوام سان يڪجهتي ۽ امن ۽ سلامتي سان رهڻ جي حق جي لاءِ بيٺل آهي. هن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اها اسرائيل کي خطي ۾ ان جي خطرناڪ مهم جوئي ۽ ج??رح??ت ۽ نسل ڪشيءَ جي ڪاررواين جو گهير??ءُ ڪرڻ جي لاءِ فوري قدم کڻي.