اسلام آباد -15 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته گوادر ايئرپورٽ ۽ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي ٻئي مرحلي سان ترقي جا نوان ??وقعا پيدا ٿيندا. گذريل ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت چين جي مدد سان چين پاڪستان اقتصادي لنگهه ??و ٻيو مرحلو شروع ڪرڻ وڃي رهي آهي. هن چيو ته ويجهي مستقبل ۾ چين جي مدد سان ??نج اقتصادي لنگهن جي شروعات ڪئي پئي وڃي. احسن اقبال چيو ته بلوچستان جي عوام لاءِ ڪاروباري موقعن ۾ اضافي لاءِ مرڪز قائم ڪيا پيا وڃن. علائقائي رابطن ۾ ايس سي او جي ڪردار تي تبصرو ڪندي هن چيو ته ريلوي لائين ۽ روڊن جي تعمير سان ??چ ايشيائي رياستن سان ??اپاري لاڳاپا مضبوط ٿيندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته خطي ۾ معاشي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گوادر ۽ عمان ??چ ۾ سامونڊي رستا ??حال ڪري سگهجن ٿا، ان ??سم جي بنيادي ڍانچي جي ترقي خطي ۾ واپاري رستن کي بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي، جنهن سان شين جي چرپر ۽ واپاري مٽاسٽا کي هٿي ملندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته خطي ۾ معاشي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گوادر ۽ عمان ??چ ۾ سامونڊي رستا ??حال ڪرڻ هڪ اهم قدم ٿي سگهي ٿو. ان سان ??ه رڳو پاڪستان ۽ عمان ??چ ۾ واپاري رابطن ۾ بهتري ايندي پر هي پوري خطي لاءِ هڪ اهم واپاري لنگهه طور به ڪم ڪندو، جيڪو وچ ايشيائي ملڪن کي عربي سمنڊ ذر??عي عالمي منڊين تائين پُهچ فراهم ڪري سگهي ٿو.