اسلا?? آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني غذائي تحفظ جي اهميت ۽ هر ماڻهوءَ کي مناسب ۽ غذائيت سان ڀرپور خوراڪ تائين پهچ کي يقيني بنائڻ لاءِ جٽادار طريقن جي ضرورتن کي اختيار ڪرڻ تي زور ڀريو آهي. ڪالهه سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان موجب خوراڪ جي عالمي ڏينهن جي ??وقعي تي پنهنجي ??يغام ۾ سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته هي ڏينهن اسان جي ڪميونٽيز ۾ بُک ۽ عذائيت جي کوٽ کي مُنهن ڏيڻ لاءِ اسان جي گڏيل ذميداريءَ جي ??اد پنهنجن آبادگارن جي ??دد ۽ ماحول جي حفاظت ڪندڙ جٽادار زرعي طريقن کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي، انهن شعبن جي بهتريءَ لاءِ اسان کي گڏجي ??ڪ مفيد خوراڪ جو نظام بڻائڻو پوندو جي??و نه صرف اسان جي ??ا??هن جي بهترين پرورش ڪري پر اسان جو مستقبل به محفوظ بڻائي. سينيٽ چيئرمين خوراڪ جي زيان جي ازالي ۽ اهڙيون پاليسيون اختيار ڪرڻ تي زور ڀريو جن جي عيوض خوراڪ جي ??يداوار ۽ معيار کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي. هن ايندڙ نسلن لاءِ معياري ۽ گهڻي خوراڪ جي ??ائيداري ۽ پهچ يقيني بنائڻ لاءِ گڏيل ڪوششن تي پڻ زور ڀريو.