اسلام آباد-18 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي س?? بي) جي چيئرمين محسن نقوي ملتان ٽيسٽ کٽڻ تي پاڪستاني ٽيم کي مبارڪون پيش ڪندي چيو آھي ته ڊگھي عرصي بعد ھوم ٽيسٽ ميچ ۾ ڪاميابي جو ڪريڊٽ قومي ٽيم جي محنت جو ??تيجو آھي. جمعي ڏينھن گھرو وزير محسن نقوي پنھ??جي پيغام ۾ چيو ته ساجد خان ۽ نع??ان علي شاندار بالنگ ڪري تيسٽ ميچ جي ڪاميابي ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو. ھن چيو ته ڪامران غلام پھرين ئي ميچ ۾ سينچري ٺاھي پنھ??جي ڀرپور صلاحيتن جو ??ظاھرو ڪيو. ھن چيو ته محنت، جذبي ۽ پروفيشنل سوچ سان ٽيم راند کيڏي ۽ڪاميابي حاصل ڪئي. ٽيم ۾ نئين رانديگر پنھ??جي سليڪشن کي درست ثابت ڪيو ۽ اميد آھي ته انگلينڊ خلاف ٽئين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ به قومي ٽيم بھترين ڪارڪردگي جو ??ظاھرو ڪندي سيريز پنھ??جي نالي ڪندي.