اسلام آباد-31 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چي?? آهي ته پا??ستان امن پسند ملڪ آهي جيڪو خطي ۾ استحڪام، امن ۽ عالمي پارلياماني لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ لاءِ پُرعزم آهي، عالمي سطح تي امن جي قيام جون ڪوششون عالمي سهڪار بنا ممڪن ناهن، پا??ستان عالمي امن کي هٿي ڏيڻ لاءِ سمورن هاڪاري قدمن ۾ شامل رهڻ جو خواهشمند آهي. ڪي پي ڪي مذهبي سياحت کي تاريخي ماڳن سان گڏوگڏ قدرتي نظارن سان مالامال آهي، ڪي پي ڪي جو روشن اميج دنيا آڏو روشن ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن يونائيٽيڊ پيس فيڊريشن انٽرنيشنل ۽ انٽرنيشل ايسوسيئيشن آف ??ارليامينٽيرنيز فا?? پيس جي چيئرمين ڊاڪٽر چارلس ايس يانگ جي قيادت ۾ وفد سان ملاقات دوران ڪيو. وفد ڪي پي ڪي جي گورنر سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ هائوس آف ??مائندن نيپال جي ميمبر ۽ فا??ن رليشنز اينڊ ٽوئر ازم ڪميٽي نيپال جي چيئرمين اڪ ناٿ ڍاڪل ۽ آءِ اي پي پي ايشيا جي علائقائي ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر سنتوش ڪمار، هلال احمر ڪي پي ڪي جي چيئرمين حبيب ملڪ اورڪزئي پڻ موجود هئا، ان ملاقات جو مقصد عالمي سطح تي امن کي هٿي ڏيڻ، پارلياماني سهڪار ۽ عالمي لاڳاپن کي مضبوط بنائڻ لاءِ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ڪي پي ڪي ۾ مذهبي ٽوئر ازم کي هٿي ڏيڻ هو. ڊاڪٽر چارلس ايس يانگ ۽ سندس وفد جي ميمبرن ڪي پي ڪي ۾ امن جي قيام ۽ عوامي ڀلائيءَ لاءِ گورنر جي ڪوششن کي ساراهيندي چي?? ته عالمي سطح تي امن جي قيام لاءِ پا??ستان جهڙي ملڪ جو ڪردار انتهائي اهم آهي. ڊاڪٽر يانگ چي?? ته يو پي ايف ۽ انٽرنيشنل ايسوسيئيشن آف ??ارليامينٽيرنز فا?? پيس، پا??ستان سان گڏجي اهڙن قدمن جي همٿ افزائي ڪندو جيڪو نه صرف ملڪي پر عالمي سطح تي استحڪام ۽ امن کي هٿي ڏيندو.