اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) صدر آصف ع??ي زرداري ضلعي هرنائي ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪارروائي دوران شهادت ماڻيندڙ جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ ڪارروايون جاري رکنداسين، قوم شهيدن ۽ انهن جي خاندانن جي قربانين کي نه وساريندي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف ع??ي زرداري پنهنجي بيان ۾ چيو ته ميجر محمد حس??ب ۽ حوالدار نور احمد کي ملڪ جي لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪرڻ تي قوم پاران سلام آهي، ملڪ جي دفاع ??ورا?? وڏي قرباني پيش ڪرڻ تي پوري قوم شهيدن جي ٿورائت?? آهي. صدر ڪارروائي دوران ٽن دهشتگردن کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. هن شهيدن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر آصف ع??ي زرداري شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي.