اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ يورپي يونين جي گڏيل ڪميشن جو 14هون ??جلاس اسلام آباد ۾ جاري آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ??يو ته گڏيل ڪميشن جي اجلاس ۾ يورپي يونين جي وفد جي قيادت ايشيا اينڊ پيس??ڪ جي ڊپٽي مئنيجنگ ڊائريڪٽر پاولا پامپالوني ڪري رهي آهي جڏهن ته پاڪستاني وفد جي قيادت اقتصادي معاملن واري ڊويزن جو سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم نياز ڪري رهيو آهي. هن ??يو ته اها ڳالهه ٻولهه يورپي يونين سان پاڪستان جي وڌندڙ حصيداري جي عڪاسي ڪري ٿي. ترجمان ??يو ته اهي ساليانيون ملاقاتون ڌريون کي بامعنيٰ ڳالهه ٻولهه ۾ مشغول ٿيڻ ۽ ٻطرفي تعاون ??ي اهم شعبن تي گڏيل افهام تفهيم کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هڪ قابل قدر پليٽ فارم فراهم ڪن ٿيون.