اسلام ??با?? – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ فرانس جي وچ ۾ گڏيل قومن ??ي سلامتي ڪائونسل جي معاملن تي اسلام ??با?? ۾ نتيجاخيز مشاورت ٿي. ان مشاورت جي گڏيل صدارت فرانسيسي پرڏيهي وزارت ۾ گڏيل قومن ??ي معاملن واري ڊائريڪٽر لي فريپر ڊوهيلن ۽ ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (گڏيل قومون ۽ او آءِ سي) سفير سيد حيدر شاهه ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ڌرين ٻطرفي تعاون، ڳالهه ٻولهه ۽ عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. گڏيل قومن ??ي سلامتي ڪائونسل جي ميمبر جي حيثيت سان پاڪستان ۽ فرانس گهڻ رخي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ ٻئي سان تعميري طور ت?? رابطي ۾ رهندا.