اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف يونان ۾ ٻيٽ ويجهو پاڪستانين جي فوتگي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته انساني اسمگلنگ هڪ سنگين ڏوهه آهي جنهن سبب قيمتي جانيون ضايع ٿين ٿيون، گهرو وز??ر واقعي جي انڪوائري رپورٽ جلدي پيش ڪري. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وز??راعظم محمد شهباز شريف يونان جي ٻيٽ ويجهو پاڪستانين جي فوتگي تي افسوس جو اظهار ڪندي ان سل??لي ۾ سمورا ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وز??راعظم چيو ته انساني اسمگلنگ هڪ سنگين ڏوهه آهي جنهن سبب ڪ??تر?? ئي ماڻهن جي جان هلي ويندي آهي ۽ هر سال ڪيترائي گهر اجڙي ويندا آهن، انساني اسمگلر هڪ اهڙي ظالم مافيا آهي جيڪا غريب عوام کي ڪوڙا خواب ڏيکاري انهن کان پيسا وٺي ٿو. وز??راعظم گهرو وز??ر محسن نقوي کي واقعي جي انڪوائري رپورٽ جلدي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته اهڙن ماڻهن جي سڃاڻپ ڪئي وڃي ۽ کين سخت سزائون ڏنيون وڃن ته جيئن هو اهڙي گٿي فعل کي ن?? ورجائن، اهڙن واقعن جي مستقبل ۾ روڪٿام لاءِ ٺوس قدم کنيا وڃن.