اسلام آباد– 18 – ڊسمبر (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف قاهره ”ايندڙ سڀاڻي جي معيشت جي لاءِ ن??جوانن، ننڍي ۽ وچولي طبقي جي ڪاروبار ۾ سيڙپڪاري“ جي موضوع تي منعقد اسرندڙ ملڪن (ڊي – 8) جي 11هين سر??راهي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي مصر روانو ٿي ويو. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م سر??راهي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي روزگار جي فراهمي، جدت جي فروغ ۽ مقامي ڪاروبار جي ترويج جي بنيادن تي مضبوط ۽ حصيداري تي ٻڌل معيشت جي لاءِ ن??جوانن، ننڍي ۽ وچولي طبقي جي ڪاروبار (ايس ايم ايز) ۾ سيڙپڪاري جي اهميت کي اجاگر ڪندو. وزي??اع??م اسرندڙ ملڪن جي تنظيم ڊي – 8 جي ج??ڙي?? بنيادي اصولن تي تعاون ۽ عملدرآمد جي حوالي سان پاڪستان جي مضبوط عزم جو اظهار ڪندو. وزي??اع??م ڪانفرنس ۾ شريڪ ملڪن جي وچ ۾ گڏيل طور تي فائديمند ترقي جي لاءِ حصيدارين سان گڏوگڏ ز??اع??، غذائي تحفظ ۽ سياحت ۾ تعاون جي اهميت تي زور ڏيندو. وزي??اع??م نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ انهن جي معاشي ترقي جي لاءِ پاڪستان حڪومت جي قدمن تي پڻ روشني وجهندو. وزي??اع??م اسرائيلي جارحيت ۽ وحشياڻي ظلم جي نتيجي ۾ وچ اوڀر جي صورتحال، انساني بحران ۽ غزه ۽ لبنان ۾ نئين سر تعم??ر ۽ بحالي جي مسئلن تي منعقد ڊي – 8 جي خصوصي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو. وزي??اع??م فلسطين جي حوالي سان پاڪستان جي اصولي موقف کان آگاهي ڏيندي وچ اوڀر ۾ امن قائم ڪرڻ تي زور ڏيندو. وزي??اع??م ان موقعي تي سر??راهي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ آيل مختلف ملڪن جي سر??راهن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو. نائب وزي??اع??م ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص معاون طارق فاطمي وزي??اع??م سان گڏ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندا.