اسلام آباد– 17 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف رڪارڊ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس حاصل ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چ??و آهي ته 10 سالن ۾ پهريون ڀ??رو نومبر 2024ع ۾ پاڪستان جو ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس 729 ملين آمريڪي ڊالرز تي پهچي وڃڻ ملڪي معيشت جي لاءِ انتهائي خوش آئنده آهي. وزيراع??م آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اسٽيٽ بئ??ڪ آف پاڪستان پاران پاليسي ريٽ ۾ گه??تائي، مهانگائي ۽ ناڻي واڌ ۾ ترتيبوار گه??تائي ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس ۾ اضافو حڪومت جي مثبت معاشي پاليسين جو واضح ثبوت آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس ۾ رڪارڊ اضافي سان پاڪستان جي عالمي معاشي مارڪيٽ ۾ پوزيشن مستحڪم ٿيندي. هن چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس سان پاڪستاني معيشت ملڪي ۽ عالمي سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، ناڻي واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ ۽ حڪومت جي معاشي ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪيو.