اسلام آباد – 31 – ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اهم گ??ڻ رخي ۽ ٻطرفي مشنز ۾ پاڪستان جي سفيرن جي اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ ۽ ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري ۽ وزارت جي سينيئر ڊائريڪٽر جنرلز پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب سفيرن علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي بابت پن??نجي جائزي، خيالن ۽ 2025ع ۽ ان کانپوءِ ??ي پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن تي پن??نجي راءِ پيش ڪئي. ان موقعي تي پن??نجي اهم خطاب ۾ نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير ٻطرفي ۽ گ??ڻ رخن ۾ هڪ متحرڪ پرڏيهي پاليسي جو ويزن شيئر ڪيو. هن سڄي دنيا جي ملڪن سان پن??نجي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪندي سفيرن تي زور ڏنو ته اهي پاڪستان جي عالمي ساک کي وڌائڻ ۽ ان جي عالمي حصيداري ??ي فروغ ڏيڻ ۾ پن??نجو ڪردار ادا ڪن. پاڪستان جي سفيرن جو ساليانو اجلاس پ??ڏيهي وزارت ۾ هڪ باقاعده ايونٽ آهي جنهن ۾ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي مختلف رخن ۽ ان کي ٺوس لاڳو ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وڃي ٿي.