اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) و??ير??عظم محمد نواز شريف چيو آهي ته عوام ڌرڻي جي منفي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ ماڻهو رڳو ملڪ جي خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ قدمن جي حمايت ڪري رهيا آهن. و??ير??عظم قومي ايئرلائين پي آءِ اي جي پريميئر سروس شروع ڪرڻ جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته عوام باشعور آهي ۽ هو اهڙي قسم جي عنصرن جي حمايت نه ٿي ڪري. و??ير??عظم چيو ته ملڪ کي هن وقت احتجاج نه پر ڳالهين جي سياست جي تسلسل جي ضرورت آهي ڇو ته رڳو ان ئي طرز سياست سان ملڪ ۾ غربت ۽ جهالت ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. و??ير??عظم چيو ته موجوده حڪومت ملڪ کي اقتصادي طو رتي مضبوط بڻائڻ ۽ عام ماڻهن جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ تي يقين رکي ٿي.