اسلام آباد– 11 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي پنهنجي دوري کي انتهائي ڪامياب قرار ڏيندي چيو آهي ته سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تي تيزي ??ان عملدرآمد ٿيندو، ويجهي مستقبل ?? ان جا ثمر عوام تائين پهچندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڪابينا ميمبرن کي اجلاس ۾ ڀليڪار چوان ٿو. چين جي دوري تان 2 ڏينهن اڳ واپسي ٿي آهي. توهان سڀني جي ڪوششن ۽ محنت سان چين جو دورو انتهائي مثبت ۽ ڪامياب رهيو. هن چيو ته چين جي دوري ۾ ٿيندڙ ملاقاتن ۾ سيڪيورٽي سان لاڳاپيل معاملا ايجنڊا ۾ سرفهرست هئا. هن چيو ته ان دوري جي نتيجي ۾ چين جو اعليٰ سطح?? وفد جلد پاڪستان جو دورو ڪندو. وفاقي وزيرن ۽ مملڪتي وزير سميت سمورن ڪابينا ميمبرن جي گڏيل ڪوششن سان اها ڪاميابي ممڪن ٿي. هن چيو ته الله تعاليٰ چ??ن سان ٻطرفن لاڳاپن کي نئين بلندين تي وٺي وڃڻ جو موقعو فراهم ڪيو. سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تي تيزي ??ان عملدرآمد ٿيندو. ان حوالي سان چيني قيادت سان مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي. ويجهي مستقبل ?? ان جا ثمر عوام تائين پهچندا.