اسلام آباد – 04 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ضرورت جي شين جي قيمتن جو هفتيوار بنيادن تي جائزو ??ٺڻ ۽ عام ماڻهو جي استعمال ۾ ايندڙ شين جي قيمتن تي ڪڙي نظر رکڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته عام ماڻهو کي رليف ڏيڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي، گذريل هڪ سال ۾ حڪومت مشڪل فيصلا ڪيا جن جا ثمر اچڻ شروع ٿي ??يا آهن، اقتصادي انگن اکرن ۾ بهتري حو??لي جوڳي آهي جن ۾ وڌيڪ آندي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن حڪومتي معاشي ٽيم ج?? اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.