اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمرا?? خان چيو آهي ته ڪراچي جا پراڻا مسئلا ان وقت تائين حل نه ٿا ٿي سگهن جيستائين ڪراچي جي عوام جي چونڊيل مقامي حڪومت جا نمائندا آئين جي روح موجب مالي، سياسي ۽ ا??تظ??مي طور تي ??ودمختيار نه ٿين. وفاقي حڪومت آئين جي آرٽيڪل 140 اي تي ??ن جي روح موجب مڪمل عملدرآمد جي حامي آهي. وزيراعظم آفيس ??اران جاري بيان موجب هن اٽارني جنرل کي هدايت ڪئي ته آرٽيڪل 140 اي تحت سپريم ڪورٽ آ?? پاڪستان ۾ داخل پٽيشن جي جلد ٻڌڻي ۽ فيصلي جي لاءِ اعليٰ عدليه کي فوري طور تي ??رخواست ڪئي وڃي.