اسلام آباد – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) ??اڪ??تان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي سينيٽر فيصل جاويد چيو آهي ته مخالف ڌر پارٽين جي آل پارٽيز ڪانفرنس (اي پي سي) بدعنوان سياسي عنصرن جي گڏيل مفادن جي ڪائونسل آهي، عوام تي اها ڳالهه واضح ٿي وئي آهي ته اهي ماڻهو رڳو ذاتي مفادن ۽ سياسي فائدا حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏ ٿيا آهن، انهن وٽ ڪا عوامي ايجنڊا نه آهي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪي معيشت استحڪام طرف گامزن آهي ۽ پو??ي دنيا جا اقتصادي ماهر به ان جو اعتراف ڪري رهيا آهن جڏهن ته ماضي ۾ ملڪي معيشت هلائيندڙ هن وقت لنڊن ۾ ??يه?? ??اڪ??تان جي معيشت تي تنقيد ڪري رهيا آهن جيڪا کل جوڳي ڳالهه آهي.