اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تعميرات جو شعبو ملڪي ترقي ۽ معاشي واڌ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، سمورا لاڳاپيل وفاقي کاتا ۽ صوبائي حڪومتون سيڙپڪارن جا مسئلا فوري حل ڪن، زراعت جي استعمال هيٺ ۽ ٻيل?? جي لاءِ مختص زمين ڪنهن به صورت ۾ تعميرات جي لاءِ استعمال نه ٿيڻ گهرجي، هلندڙ سال چو??اسي جي سڀ کان وڏي وڻڪاري مهم لاءِ تياري ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي هائوسنگ، تعيمرات ۽ ترقي بابت قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير شوڪت ترين، مملڪتي وزير فرخ حبيب، صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، ملڪ امين، ڊاڪٽر وقار مسعود، ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊاڪٽر باقر رضا، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، سرويئر جنرل آف پاڪستان ميجر جنرل شاهد پرويز، سي ڊي اي چيئرمين ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته صوبائي چيف سيڪريٽرين ۽ نمائندن وڊيو لنڪ ذ??يعي شريڪ ٿيا، سي ڊي اي چيئرمين اجلاس کي آگاهه ڪيو ته سي ڊي اي جي آن لائن پورٽل جاري ڪيو ويو آهي ان ۾ وڌيڪ بهتري آندي ??يندي، ان کانسواءِ ون ونڊو فسيليٽيشن سينٽر به جلد قائم ٿي رهيو آهي جنهن ۾ شهري?? جي لاءِ زمي?? جي منتقلي، فيس جي ادائيگي ۽ ر??نمائي جي سهولت فراهم ڪئي ويندي