سيالڪوٽ – 03 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ضلعي جنرل سيڪريٽري حاجي محمد عارف چيو آهي ته سيد علي گيلاني، ياسين ملڪ ۽ عبدالغني بٽ سميت سمورن حريت اڳواڻن جي ڪوشش?? کي سلام پيش ڪريون ٿا، جن ڪيترن ئي لاهن چاڙهن جي باوجود ڪشمير جي مسئلي کي ڀر??ور طريقي سان اجاگر ڪيو. اي پي پي سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي قدم جي ڀر??ور مذمت ڪريون ٿا، جنهن تحت ڀارت ڪشميرين جا حق غصب ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آهي. حاجي محمد عارف جو چوڻ هو ته ڀارت گذريل 74 سالن کان مظلوم ڪشميرين تي ظلم ڪري رهيو آهي، جنهن تي عالمي برادري جي خاموشي سمجهه کان مٿي آهي. هن چيو ته انساني حقن جي عالمي تنظيم?? کي گهرجي ته اهي ڪشم??ري عوام تي ٿيندڙ ڀارتي ظلمن ۽ زيادتين جو نوٽيس وٺي. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڀارت ڪشميرين تي ظلم ڪري قبضي جي ڪوشش ۾ نه اڳ ۾ ڪامياب ٿيو آهي ۽ نه مستقبل ۾ ڪامياب ٿيندو ڇو ته ڪشم??ري پنهنجي خودمختياري جي حق جي جنگ کٽي رهيا آهن. برهان واني ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد ۾ هڪ نئين روح ڦوڪي ڇڏي آهي جنهن سان ڪشم??ري جلد آزادي جي نعمت سان همڪنار ٿيندا.