ثمرقند – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪرغزستان واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ عوامي رابطن ۾ ويجهي تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ ڪاسا 1000 منصوبي کي وقت سر مڪمل ڪرڻ جي عزم کي ورجائيندي ا??لي?? سطحي رابطا برقرار رکڻ تي ا??فا?? ڪيو آهي. اهو ا??فا?? راءِ شنگهائي تعاون تنظيم جي مملڪتي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ڪرغزستان جي صدر رسدير زاپروف جي ملاقات ۾ ٿيو. ٻنهي اڳواڻن وڌندڙ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڪرغزستان جي صدر موسمياتي تبديلين جي ڪري پاڪستان ۾ ايندڙ وڏي ٻوپ ۾ قيمتي جانين جي زيان ۽ ملڪيتن کي پهچندڙ نقصان تي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم يڪجهتي جي اظهار تي صدر زاپروف جا ٿورا مڃيا ۽ شديد ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جي تفصيلن کان کيس آگاهه ڪيو. هن موسمياتي تبديلي جي خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فوري قدمن جي ??هم??ت ۽ پاڪستان جهڙن ملڪن جي لاءِ تعاون جي ضرورت تي زور پڻ ڏنو جن جو ڪاربن جي اخراج ۾ عملي طور تي ڪو حصو نه آهي. ٻنهي اڳواڻن واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ عوام سان عوام جي رابطن ۾ ويجهي تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ ا??لي?? سطحي دورن، بين الپارلياماني لاڳاپن ۽ دفاعي ۽ سيڪيورٽي رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ??هم??ت کي اجاگر ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل وزارتي ڪميشن جو ايندڙ اجلاس جلد گهرائڻ تي ا??فا?? ڪيو. هنن بجلي جي پهچ جي ڪاسا 1000 منصوبي کي وقت سر مڪمل ڪرڻ جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم ڪرغزستان کي گوادر ۽ ڪراچي بندرگاهن جي ذريعي سمنڊ تائين پهچ ۾ سهولت ڏيڻ جي پاڪستان جي عزم کي ورجايو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ چارٽرڊ اڏ??من جي بحالي جي پڻ آجيان ڪئي. وزيراعظم جمهوريه ڪرغزستان جي ميڊيڪل يونيورسٽين ۾ 11000 کان وڌيڪ پاڪستاني شاگردن جي ميزباني تي ٿورا مڃيا ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ڪرغزستان جي حڪومت ملڪ ۾ انهن جي ت??لي??ي قيام دوران انهن کي سهولتون فراهم ڪندي رهندي ۽ انهن جي حفاظت ۽ سلامتي کي يقيني بڻائيندي. ٻنهي ڌرين ا??لي?? سطحي رابطن کي برقرار رکڻ تي ا??فا?? ڪيو. وزيراعظم صدر زاپروف کي جلد پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني.