اسلام آباد– 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سرڪاري شعبي ۾ 2000 ميگاواٽ شمسي بجلي جو منصوبو لڳائڻ جي اصولي منظوري ڏيندي چيو آهي ته حڪومت 10 هزار ميگاواٽ جي شمسي توانائي جا منصوبا شروع ڪري رهي آهي جنهن سان گهٽ لاڳت ۽ ماحول دوست بجلي پيدا ٿيندي، چئني صوبن ۾ زرعي ٽيوب ويلز کي ترجيحي ??نياد تي شمسي توانائي تي منتقل ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ 10 هزار ميگاواٽ شمسي توانائي جي منصوبي جي حوالي سان اعليٰ سطحي ??ائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اڳوڻي و??يراعظم شاهد خاقان عباسي، ناڻي و??ري وفاقي و??ير اسحاق ڊار، واپار واري وفاقي و??ير سيدنويد قمر، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي و??ري وفاقي و??ير طارق بشير چيما، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، وزيراعظم جي خاص معاون جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ ۾ ٻارڻ سان هلندڙ بجلي گهرن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني و??ي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ شمسي توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان 14 سيپٽمبر 2022ع تي هڪ انويسٽرز ڪانفرنس منعقد ڪئي و??ي جنهن ۾ مقامي ۽ عالمي ملڪن بشمول سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، چين ۽ قطر مان سيڙپڪار ڪم??نين جي نمائندن شرڪت ڪئي ۽ پاڪستان ۾ شمسي توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ شمسي توانائي جي نئين پاور پلانٽس جي لاءِ جڳهه جي چونڊ جي لاءِ ڪم شروع ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ مظفر ڳڙهه جي ويجهو هڪ جڳهه جي سڃاڻپ به ڪئي و??ي آهي جتي 600 ميگاواٽ جي شمسي توانائي سان هلندڙ پاور پلانٽ جي تعمير ڪئي ويندي. ان کانسواءِ شمسي توانائي سان هلندڙ 11 ڪي وي جي فيڊرز جي حوالي سان منصوبابندي ڪئي پئي وڃي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته شمسي توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان فريم ورڪ ۽ ٽيرف جي حوالي سان ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ پاور ڊويزن، متبادل توانائي جي ترقي جي بورڊ، سينٽرل پاور پرچيزنگ ڪم??ني، نيپرا ۽ ٻين ادارن جي وچ ۾ مشاورت جاري آهي. وزيراعظم ان سلسلي ۾ ٽائيم لائينز کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن جلد کان جلد شمسي توانائي سان ٺهندڙ بجلي کي نيشنل گرڊ ۾ شامل ڪري سگهجي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته سرڪاري عمارتن جي شمسي توانائي تي منتقلي جي حوالي سان به ڪم ترجيحي ??نيادن تي جاري آهي. وزيراعظم سڄي ملڪ ۾ ٽيوب ويلز شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جي حوالي سان ڪم??ٽي ٺاهڻ جي هدايت پڻ ڪئي جنهن ۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي و??رو وفاقي و??ير طارق بشير چيما، پاور ڊويزن وارو سيڪريٽري ۽ پاڻي و??يلن واري وفاقي و??ارت جو هڪ نمائندو شامل هوندو. اجلاس ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته حڪومت ملڪ ۾ 10 هزار ميگاواٽ جي شمسي توانائي جي منصوبي کي جاري ڪرڻ وڃي رهي آهي جنهن سان گهٽ لاڳت ۽ ماحول دوست بجلي پيدا ٿيندي، شمسي توانائي جي منصوبي سان ملڪ جو دارومدار مهانگي ٻارڻ تي هلندڙ منصوبن تان ختم ٿيندو ۽ قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿيندي. هن چيو ته منصوبي تحت چئني صوبن ۾ زرعي ٽيوب ويلز کي ترجيحي ??نيادن تي شمسي توانائي تي منتقل ڪيو ويندو، شمسي توانائي جي استعمال سان ڊسٽري بيوشن ۽ لائين لاسز، بجلي جي چوري ۽ گردشي قرضن ۾ اضافي جي مسئلن جو خاتمو ممڪن ٿيندو. هن چيو ته شمسي توانائي جي حوالي سان سيڙپڪاري ڪندڙ ڪم??نين کي حڪومت پاران خودمختيار ضمانت ڏني ويندي.