اسلام آباد -03 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي صحت واري وزارت واري وفاقي وزير عبدالقادر ??ٽي?? چيو آهي، ته صحت واري وزارت ٻوڏ متاثرن کي طبي سهولتن جي فراهمي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي. وزارت طرف??ن جاري بيان ۾ هن چيو ته با??ڊر هيلٿ سروسز آف پاڪست??ن جي ٽيم کي ٻوڏ متاثرن جي بهترين طبي سهولتن جي فراهمي لاءِ خراج تحسين پيش ڪيان ٿو. عبدالقادر ??ٽي?? چيو ته صحت واري وزارت جي ماتحت ادارن ڊائريڪٽوريت آف هيلٿ اسٽيبلشمينٽ با??ڊر هيلٿ سروسز آف پاڪستان سيوهڻ جي بوڏ متاثر ڳوٺ ٽلٽي ۾ متاثرن جي لاءِ ميڊيڪل ڪيمپ قائم ڪئي. سيوهڻ جي سڄي ڳوٺ ۾ ڊينگي جي روڪٿام لاءِ اسپري پڻ ڪرايو و??و. ??ن چيو ته ميڊيڪل ڪيمپن ۾ ڊينگي ۽ مليريا جا تقريبن 1500 کان وڌيڪ مريضن جي اسڪريننگ ۽ مفت دوائون فراهم ڪيون ويون.