اسلام آباد – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستا?? ۾ ??نفارميشن ٽيڪنالاجي، ٽيلي مواصلات، توانائي، زراعت، فوڊ پراسيسنگ، لائيو ??سٽ??ڪ، سياحت ۽ قدرتي وسيلن جي شعب?? ۾ ??يڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، حڪومت سيڙپڪار دوست پاليسين تي عمل ڪر?? رهي آهي، غيرملڪي سيڙپڪارن کي سيڙڪاري جي لاءِ سموريون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن مصر جي ناليواري ڪاروباري شخصيت نجيب ساويرس جي قيادت هيٺ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف نجيب ساويرس ۽ سندس وفد کي پاڪستان ۾ ڀليڪار چوندي چيو ته پاڪستان سيڙپڪار دوست پاليسيز تي عمل ڪر?? رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان حڪومت ٻاهرئين سيڙپڪارن کي سموريون فراهم ڪندي. پاڪستا?? ۾ ??نفارميشن ٽيڪنالاجي، ٽيلي ڪميونيڪشن، توانائي، زراعت، فوڊ پراسيسنگ، لائيو ??سٽ??ڪ، سياحت ۽ قدرتي وسيلن جي شعب?? ۾ ??يڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن جن سان ٻاهريون سيڙپڪار ڪمپنيون فائدو کڻي سگهن ٿيون. نجيب ساويرس چيو ته انهن جو بزنس گروپ پاڪستان ۾ ٽيلي ڪميونيڪشن ۽ ريئل اسٽيٽ جي شعبن ۾ ڪامياب سيڙپڪاري ڪري چڪو آهي. هن پاڪستان ۾ وڌيڪ شعب?? ۾ ??اص طور تي کاڻيون کوٽڻ جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو.