اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪڻ?? جا وڏا ذخيرا موجود آهن، ملڪ ۾ ڪنه?? کي ڪڻ?? جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري ناجائز منافعي خوري جي اجازت نه ڏينداسين، صوبا پنهنجي ۽ پاسڪو جي ذخيرن مان ڪڻ?? جي فلور ملز تائين وقت سر پهچ يقيني بڻائين ۽ ڪڻ?? ۽ اٽي جي وقت سر پهچ جي لاءِ پنهنجي گورننس بهتر ڪن، گذريل 5 ڏينهن ۾ حڪومت جي قدمن جي ڪري اٽي جي 40 ڪلو جي ٿيلهي جي قيمت ۾ اٽڪل 1000 رپين جي گهٽتائي ٿي جيڪا خوش آئنده آهي، لاڳاپيل وف??قي ۽ صوبائي ادارا اٽي ۽ ڪڻ?? جي ذخيره اندوزن جي خلاف سخت قدم کڻن، حڪومت غريب عوام جي لاءِ اٽي جي مصنوعي کوٽ سان مهانگائي پيدا ڪندڙ?? کي سزا ڏني ويندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران پريس رليز موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ ڪڻ?? ۽ اٽي جي مصنوعي کوٽ ۽ ذخيره اندوزن ۽ ناجائز منافعي خوري جي حوالي سان اعليٰ سطح جو هنگامي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وزيراعظم ملڪ ۾ ڪڻ?? جي موجوده ذخيرن جو جائزو ورتو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ ڪڻ?? جا وڏا ذخيرا موجود آهن ۽ صوب?? کي هدايت ڪئي پئي وڃي ته پاسڪو جي ذخيرن مان فلور ملز تائين ڪڻ?? جي پهچ وڌيڪ تيز ڪئي وڃي. وڌيڪ اهو ته 1.3 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻ?? درآمدي ڪڻ?? جو اسٽاڪ پڻ ملڪ ۾ پهچي ويو آهي جڏهن ته جنوري جي پڄاڻي تائين وڌيڪ ايترو ئي اسٽاڪ پهچي ويندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال سيزن جي پڄاڻي تي ڪڻ?? جا ڪيري فارورڊ اسٽاڪ 1.4 ملين ميٽرڪ ٽن هوندا جيڪي نئين سيزن شروع ٿيڻ کان اڳ ملڪي غذائي ضرورت?? کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڪافي آهن. وزيراعظم ڪڻ?? جي موجوده ذخيرن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ صوب?? کي هدايت ڪئي ته ڪڻ?? ۽ اٽي جي پهچ جي حوالي سان پنهنجي گورننس بهتر ڪن. اجلاس ۾ غذائي تحفظ واري وف??قي وزير طارق بشير چيما، وزيراعظم جي صلاحڪ??ر احد چيما، لاڳاپيل وف??قي اعليٰ عملدارن ۽ صوبائي چيف سيڪريٽرين شرڪت ڪئي.