اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻارن کي تع??يم جي زيور سان ليس ڪرڻ کانسواءِ ملڪي ترقي جو خواب پورو نه ٿو ٿي سگهي، ڏورانهن علائقن ۾ تع??يم جي فروغ لاءِ ”اسڪول آن ويلز“ جو منصوبو اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسڪول آن ويلز منصوبي جي افتتاح جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي تع??يم وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ان منصوبي تحت شروعاتي طور تي 8 بسن تي اسڪول آن ويلز منصوبو اسلام آباد ۽ ڀرپاسي جي ٻارن کي موبائيل اسڪولز جي ذريعي تع??يم فراهم ڪندو. وزيراعظم اسڪول آن ويلز منصوبي کي ساراهيندي چيو ته ان منصوبي سان ڳوٺن ۾ ٻارن کي تع??يم جي زيور سان ليس ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته هو اميد ڪري ٿو ته اهي موبائيل اسڪولز ڳوٺن ۾ تع??يم جو انقلاب آڻيندا ۽ ان سان هزارين لکين ٻار، جيڪي ڳوٺن ج?? گهٽين جي مٽيءَ ۾ گم ٿي وڃن ٿا، کي تع??يم جي سهولت ملندي ۽ اهي پاڪستان جا عظيم معمار بڻجندا. وزيراعظم چيو ته ان منصوبي جو دائرو چئني صوبن بشمول گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير تائين ڦهلائڻ جو جائزو ورتو وڃي. ان سان وڏي ٻي ڪا قومي خدمت نه ٿي ٿي سگهي. وزيراعظم چيو ته هو ان منصوبي جي شروعات تي دل ج?? گهراين سان مبارڪباد پيش ڪري ٿو. وزيراعظ?? ان موقعي تي خصوصي طور تي ڊيزائن ڪيل بسن جو پڻ معائنو ڪيو ۽ استادن ۽ ٻارن س??ن پڻ ملاقات ڪئي. وزيراعظم موبائيل لائبريري جي منصوبي کي پڻ ساراهيو ۽ چيو ته ان سان ڏورانهن علائقن جي ٻارن ک?? گهر جي در تي لائبريري جي سهولت ملندي. وزيراعظ?? ان موقعي تي ٻارن سان گهلي ملي ويو ۽ انهن کان سوال جواب ڪيا.