اسلام آباد – 06– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي شاگردن جي تعليمي ضرورتن کي موثر انداز سان پورو ڪرڻ جي لاءِ نصاب تيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته نصاب ۾ خصوص?? ماڻهن طرف م??اش??ي جو رويو بدلائڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ خصوص?? ماڻهن جي سهولت جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ صوبائي سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽس جي سيڪريٽريز ۽ مختلف حڪومتي ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. هن چيو ته خصوصي شاگردن جي تعليمي ضرورتن کي موثر انداز سان پورو ڪرڻ جي لاءِ نصاب تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته نصاب ۾ خصوص?? ماڻهن طرف م??اش??ي جو رويو بدلائڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، خصوص?? ماڻهن کي روزاني جي زندگي ۾ منفي روين، امتيازي سلوڪ سميت مختلف مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته خصوص?? ماڻهن ک?? مالي طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي نوڪرين جي ڪوٽا کي فوري طور تي ڀرڻ جي ضرورت آهي. صدر کي اجلاس ۾ خصوص?? ماڻهن جي لاءِ کنيل مختلف قدمن تي بريفنگ پڻ ڏني وئي. صدر کي بريفنگ ۾ ان ڳالهه کان آگاهه ڪيو ويو ته تعليم واري وزارت خصوص?? ماڻهن جي تعليمي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ مئي ۾ 120 استادن تي ٻڌل تربيتي پروگرام جي پهرين مرحلي جي شروعات ڪندي، سنڌ حڪومت خصوص?? ماڻهن جي لاءِ جامع تعليم جي فروغ لاءِ ڊويزنل سطح تي استادن جا 6 تربيتي پروگرام مڪمل ڪيا آهن. صدر خصوصي ٻارن جي لاءِ وفاقي ۽ سنڌ حڪومت جي استادن جي تربيتي پروگرام کي کي ساراهيو. ان موقعي تي نادرا چيئرمين خصوص?? ماڻهن جي سهولت لاءِ کنيل قدمن بابت آگاهه ڪيو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته خصوص?? ماڻهن کي مفت خصوصي سڃاڻپ ڪارڊ فراهم ڪيا پيا وڃن، نادرا جون ٽيمون خصوص?? ماڻهن جي رجسٽريشن جي لاءِ اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ رهائشگاهن جو دورو ڪري رهيون آهن. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته خصوص?? ماڻهن جي رجسٽريشن سروس کي لاهور ?? ڪراچي تائين پڻ وڌايو ويندو، نادرا پنهنجي ملازمن لاءِ خصوص?? ماڻهن کي بهتر طريقي سان خدمتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ 42 آگاهي سيشنز منعقد ڪيا آهن جڏهن ته خصوص?? ماڻهن جي سهولت لاءِ نادرا هيلپ لائين ۾ هڪ جدا فيچر شامل ڪيو پيو وڃي. صدر کي ٻڌايو ويو ته انساني حقن واري وزارت ۽ نيوٽيڪ انٽرنيشنل ليبر آرگنائ??زي??ن ۽ ورلڊ هيلٿ آرگنائ??زي??ن سان اجلاس ڪيا آهن جن جو مقصد خصوص?? ماڻهن جي لاءِ هنر جا سيٽ ڊيزائن ڪرڻ آهي. ان موقعي تي صدر عارف علوي چيو ته خصوص?? ماڻهن جي لاءِ هنر/ پيشن جي هڪ متحرڪ ماسٽر لسٽ پڻ تيار ڪرڻ سان گڏوگڏ خصوص?? ماڻهن کي ڏني ويندڙ سهولتن ۽ فائدن جي فهرست تيار ڪرڻ گهرجي. اجلاس کي صوبائي حڪومتن پاران خصوص?? ماڻهن کي ڏني ويندڙ سهولتن بابت پڻ ٻڌايو ويو.